دسرت راجا

دسرت، راجا: راجا دسرت، تريتا يُگ ۾ هندستان جي ايوڌيا نگريءَ جو راجا هو. راجا دسرت جي پيءُ جو نالو اَجا ۽ ماءُ جو نالو اِندومتي هو. کيس ٽي راڻيون: ڪوشليه، ڪيڪئي ۽ سمترا هيون، جن مان چار پُٽ: رامچندر (ڪوشليه مان)، لڇمڻ ۽ شتروگهن (سمترا مان) ۽ ڀرت (ڪيڪئيءَ مان) هئا. راجا دسرت کي شانتا نالي هڪ نياڻي هئي. راجا دسرت جو وڏو پُٽ رامچندر، هندن جو ستون اوتار ڪري ليکيو وڃي ٿو. شري رامچندر جي بنواس وڃڻ کان پوءِ راجا دسرت اهو ڏُک برداشت نه ڪري سگهيو ۽ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو